تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي ڪاپي فراهم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي ڪاپي فراهم نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت رپورٽ کي بنياد بڻائي پروپئگينڊا ڪري رهي آهي، رپورٽ حڪومت نه پر قوم جو اثاثو آهي، فوري طور تي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي.

عمران خان پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ عدالتي ڪميشن جي رپورٽ فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته عدالتي ڪميشن جي رپورٽ حڪومت نه پر عوام جو اثاثو آهي، پي ٽي آءِ ڪميشن ۾ اهم ڌر هئي، رپورٽ فوري طور تي پڌري ڪئي وڃي.

عمران خان چيو ته حڪومت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ تي اجائي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*