آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ايساف ڪمانڊر جنرل جان ڪيمبل ملاقات ڪئي آهي

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ايساف ڪمانڊر جنرل جان ڪيمبل  ملاقات ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪ افغان سرحد جي سڪيورٽي صورتحال ۽ آپريشن ضرب عضب تي ڳالهيون ڪيون ويون، جنرل ڪيمبل  مري ۾ ٿيل امن ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئيٽ موجب، ايساف ڪمانڊر جنرل جان ڪيمبل جي ايڇ ڪيو روالپنڊي جو دورو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب، ايساف ڪمانڊر جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-افغان سڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جنگ تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ايساف ڪمانڊر جنرل جان ڪيمبل آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪستان جي ڪاميابين کي ساراهيو، جڏهن ته آمريڪي جنرل مري ۾ افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي.

 ايساف ڪمانڊر چيو ته آپريشن ضرب عضب خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ مددگار ثابت ٿيندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*