سلمان لاشاري جي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن سلمان جا وارث

ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ مارجي ويل نوجوان سلمان لاشاري جي ماءُ ارم لاشاري الزام مڙهيو آهي ته وڏو وزير ڪيس ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

سلمان لاشاري جي ماءُ ارم پنهنجي مڙس غلام مصطفيٰ لاشاري گڏ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي پر وڏي وزير ڪيس جي ٻيهر جاچ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن جو ڪوبه جواز نه آهي.

ارم لاشاري چيو ته ايس پي سرور ابڙي پاران کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ جيڪڏهن ڪو نقصان پهتو ته ذميوار وڏو وزير هوندو.

ارم لاشاري چيو ته وڏي وزير پاران ڪيس جي ٻيهر جاچ واري حڪم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلنج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*