پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ 26 تاريخ تي هيمبنٽوٽا ۾ کيڏي ويندي

Pak-Vs-Srilanka-5th-ODI

پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ 26 تاريخ تي هيمبنٽوٽا ۾ کيڏي ويندي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ٽيمون ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهن.

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.

سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ 26 تاريخ تي هيمبنٽوٽا ۾ رٿيل آهي.

آخري ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

قومي ٽيم هيڊ ڪوچ وقاريونس جي نگراني هيٺ ٽريننگ سيشن ڪيو،جنهن دوران پهرين سيشن ۾ سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد ٻئي سيشن ۾ نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

واضح رهي ته قومي ٽيم سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد 2017 جي چيميپئنز ٽرافي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*