اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾مبينا ڌانڌلين بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾مبينا ڌانڌلين بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڊي جي اليڪشن ڪميشن شيرافگن چيو آهي ته رپورٽ مستقبل ۾ سندن رهنمائي ڪندي، عام چونڊن ۾ ڪوتاهيون ضرور ٿيون پر منظم ڌانڌلي ناهي ٿي.

جاري ڪيل بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڊِي جــِي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ سان سندن موقف صحيح ثابت ٿيو ته چونڊون صاف ۽ شفاف هيون.

هن چيو ته 2013 واريون چونڊون ماضي ۾ ٿيل اليڪشن کان بهتر ٿيون، چونڊن ۾ ڪوتاهيون ۽ بي ضابطيون ضرور ٿيون هونديون پر منظم ڌانڌلي ناهي ٿي.

ڊي جي اليڪشن ڪميشن چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ مستقبل ۾ سندن رهنمائي ڪندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*