اليڪشن ڪميشن، ٻوڏ جي صورتحال سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ بابت وڌيڪ وقت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

Election Commisioon

اليڪشن ڪميشن، ٻوڏ جي صورتحال سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ  بابت وڌيڪ وقت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت ڪميٽي به اليڪشن ڪميشن جي موقف جي حمايت ڪندي پراڻي شيڊول تي نظرثاني جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾چيئرمين ميان عبدالمنان جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب پاران سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن کي نظر ۾ رکندي مڪاني چونڊن جي قانون ۽ قاعدن ۾ ترميم ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت جي هئي.

هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن دوران وڏي وزير فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي پر  آپريشن ضرب عضب ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال سبب فوج کي خيبرپختونخواهه ۾ مڪاني چونڊن دوران پولنگ اسٽيشنز تي مقرر نه ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ اڻپوري تيارين سبب سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، ان ڪري وڌيڪ وقت ڏيڻ لاءِ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته کين وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي بريفنگ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي به سفارش ڪئي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن لاءِ نظرثاني ڪئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*