اسلام آباد جي مقامي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو 30 جولاءِ تائين محفوظ ڪري ورتو آهي

musharraf-1389332985-551-640x480

اسلام آباد جي مقامي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو 30 جولاءِ تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ڪامران بشارت مفتي اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران عدالت، پرويز مشرف جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته جوابدار کي پيش ڇو ناهي ڪيو ويو، جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ تفصيلي فيصلو 27 جولاءِ تائين ٻڌايو ويندو.

مشرف جي وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست ڏني ته سندس اصيل کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت، پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو 30 جولاءِ تائين محفوظ ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي هاءِ ڪورٽ پاران مشرف جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ بابت حڪم نامي جي ڪاپي پيش ڪئي وڃي.

واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس اڄ 24 جولاءِ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مشرف جي درخواست تي گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا هئا………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*