وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي وارو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي

Nawaz-Sharif-24-7-2015

وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي وارو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چترال ۾ برسات سبب نه پر برف پگهرجڻ سبب ٻوڏ آئي، مستقبل ۾ اهڙي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي ٻوڏ متاثر علائقي چاچڙان شريف جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير پرويز رشيد، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ڪمشنر رحيم يار خان به ساڻس گڏ هئا.

 ٻوڏ متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته ٻوڏ سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، مظفرڳڙهه ۾ 3 ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿيا، جنهن تي کيس افسوس آهي.

هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون اڳواٽ پهچڻ گهرجن ٿا.

وزيراعظم چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ ٻيڙيون پهچايون وڃن، جيئن متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو سلسلو جاري رکيو وڃي، ان لاءِ وفاقي حڪومت پاران هيليڪاپٽر به فراهم ڪيا ويندا.

ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان ڪمند، دال مڱ ۽ ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو، رحيم يار خان جو تعلقو لياقت پور ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رحيم يار خان جي 4 تعلقن ۾ 56 هزار ماڻهو  ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ 41هزار 396ايراضي تي بيٺل فصل به تباهه ٿي ويو.

وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 34هزار 715 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ منتقلي وارو عمل جاري آهي. ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*