ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ATC-court-Karachi

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، عدالت جوابدارن جي گرفتاري ۾ دير تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس ڪيس کي خراب ڪري رهي آهي.

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت صفوران سانحي جي جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پوليس سانحي جي ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ اجازت گهري، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته 3 مهينا گذرڻ کانپوءِ اوهان جوابدارن جي گرفتاريءَ جي اجازت گهرو ٿا؟ اوهان ڪيس کي خراب ڪري رهيا آهيو.

عدالت صفوران سانحي  ۾ ملوث وڌيڪ  ٻن  جوابدارن جي گرفتاريءَ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست منظور ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*