وزيراعظم نواز شريف رحيم يار خان جي ٻوڏ متاثر علائقي چاچڙا شريف لاءِ 4 ڪروڙ رپين جي سيوريج سسٽم جو اعلان ڪندي چيو آهي

Nawaz-Sharif-Rahim-Yaar-Kha

وزيراعظم نواز شريف رحيم يار خان جي ٻوڏ متاثر علائقي چاچڙا شريف لاءِ  4 ڪروڙ رپين جي سيوريج سسٽم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، جن جا ٻوڏ سبب گهر تباهه ٿيا آهن، انهن کي حڪومت پاران معاوضو ڏنو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جي ٻوڏ متاثر علائقي چاچڙان شريف جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ڪمشنر رحيم يار خان به ساڻس گڏ هئا.

 ٻوڏ متاثرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته الله جو شڪر آهي ته ٻوڏ سبب ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، مظفرڳڙهه ۾ 3 ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿيا، جنهن تي کيس افسوس آهي.

هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون اڳواٽ پهچڻ گهرجن ٿا، وزيراعظم چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڌيڪ ٻيڙيون پهچايون وڃن، جيئن متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي.، ان لاءِ وفاقي حڪومت پاران هيليڪاپٽر به فراهم ڪيا ويندا.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو ٻوڏ متاثرن جي خدمت لاءِ هتي حاضر ٿيو آهي، متاثرن جي بحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ڏيندي، انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن سندن ڀرپور مدد ڪندا.

وزيراعظم چيو ته پنهنجا گهر ڇڏي ٻي هنڌ منتقل ٿيندڙن سان کين همدردي آهي، ٻوڏ سبب جن جا به گهر تباهه ٿيا آهن، حڪومت انهن کي معاوضو ڏيندي.

ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان ڪمند، دال مڱ ۽ ڪپهه جي فصل کي نقصان پهتو، رحيم يار خان جو تعلقو لياقت پور ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رحيم يار خان جي 4 تعلقن ۾ 56 هزار ماڻهو  ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن ۽ 41هزار 396ايراضي تي بيٺل فصل به تباهه ٿي ويو.

وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته 34هزار 715 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ منتقلي وارو عمل جاري آهي. ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*