خيرپور ۾ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو

Khair-pur-accident-24-7

خيرپور ۾ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو.

خيرپور جي صدرالدين شاهه پارڪ وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار صغير جوڳي، سندس ٽن ورهين جو پٽ ساگر ۽ 8 ورهين جي ڌيءَ ڪوئل فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندس زال روبينا زخمي ٿي پئي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي ڳوٺ پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.

پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل ڪٽنب موساڻي جو رهواسي هو، جيڪي سول اسپتال مان دوا وٺي واپس وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*