واپڊا جي امڪاني نجڪاري جي فيصلي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
واپڊا جي امڪاني نجڪاري ۽ پرائيوٽ سي اي اوز جي مقرري واري فيصلي خلاف سيپڪو ۽ حيسڪو ملازمن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.
حيدرآباد ۾ حيسڪو ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ۽ مملڪتي وزير عابد شير علي جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.
لاڙڪاڻي ۾ واپڊا ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊز ۽ بينرز کڻي جناح باغ وٽ ڌرڻو هنيو ۽ گو نواز گو جا نعرا هنيا.
نوشهروفيروز ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري يعقوب سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
ڪنڌڪوٽ ۾ سيپڪو ملازمن رشيد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
خيرپور ۾ سيپڪو ملازمن عطاالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
سانگهڙ ۾ حيسڪو ملازمن شير محمد نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
جيڪب آباد ۾ سيڪو ملازمن محمد حنيف لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.
بدين ۾ غوثو خان پٺاڻ ۽ ذوالفقار جي اڳواڻي ۾ حيسڪو آفيس کان ايوان صحافت تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
نوابشاهه ۾ به حيسڪو ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف نعريبازي ڪئي.
دادو، خيرپور ناٿن شاهه، سيوهڻ، عمرڪوٽ، جهڏو، تلهار، سامارو، نئون ڪوٽ، محرابپور، پير جو ڳوٺ، شاهپور چاڪر، شهدادپور، کپرو، ڪنڊيارو، راڻيپور ۽ ٻين شهرن ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا.
احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته واپڊا جهڙي اداري کي خانگائڻ سان ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو ۽ هزارين ملازم در بدر ٿي ويندا.
هنن مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري ۽ سي اي اوز جي مقرري وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جي نئين حڪمت عملي جوڙي ويندي.