سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 4 لک 99 هزار 910 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيڻ بعد وڏي ٻوڏ ۽ سکر بئراج وٽ 3 لک 66 هزار 510 ڪيوسڪ رڪاڊ ٿيڻ کانپوءِ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي

Sukkur-Guddu

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو وهڪرو 4 لک 99 هزار 910 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيڻ بعد وڏي ٻوڏ ۽ سکر بئراج وٽ 3 لک 66 هزار 510 ڪيوسڪ رڪاڊ ٿيڻ کانپوءِ وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي.

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، آبپاشي کاتي گڊو بئراج تي وڏي ٻوڏ ۽ سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي آهي.

درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر بي يار او مددگار ويٺل آهن، جن وٽ کاڌ خوراڪ جي به شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، پر انتظاميا انهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به اُپاءَ ناهن ورتا.

گهوٽڪي جي شينڪ بند تي پاڻي جو دٻاءُ برار آهي، ڪچي جي وڌيڪ 150 ڪٽنبن لڏپلاڻ ڪري قادرپور لوپ بند تي قائم ٽينٽ سٽي ۾ پناهه ورتي آهي.

ڪئمپس ۾ ترسيل متاثرن ۾ اکين جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب ڪيترائي ٻارڙا  بيماري ۾ وٺجي ويا آهن.

انتظاميا اکين جي بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ويڪسينيشن شروع ناهي ڪئي، جنهن سبب وڌيڪ ماڻهو بيماري ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

درياهه ۾ پاڻي جي مسلسل دٻاءَ سبب ڪنڌڪوٽ ويجهو ڪي ڪي بند ۾ روڻ پئجي وئي، جيڪا ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ بند ڪري ورتي آهي.

 وهڪرن ۾ واڌ سبب پاڻي پيرڳوٺ ويجهو جمشيد بند سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سان ڪچي جا وڌيڪ 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جتان ڳوٺاڻن جي لڏپلاڻ جاري آهي.

گڊو وٽان پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 99 هزار910 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 79 هزار 18 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج تي پاڻيءَ جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 66 هزار 510 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 3 لک 25 هزار 130 ڪيوسڪ  آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 44 هزار 170 ۽ هيٺاهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 645  رڪارڊ ڪيو ويو آهي……………..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*