پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته قومي ٽيم سڀاڻي رٿيل پنجين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي

Azhar-Ali-Pakistan-Cricket

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته قومي ٽيم سڀاڻي رٿيل پنجين ون ڊي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي.

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ قومي ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽن ميچز جي واضح برتري حاصل آهي ۽ قومي ٽيم سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي.

سري لنڪا جي شهر هيمبنٽوٽا ۾ سڀاڻي پنجين ون ڊي ميچز رٿيل آهي،جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

ٽريننگ سيشن دوران سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڀرپور ڌيان ڏنو.

پريڪٽس سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي چيو ته هو ۽ ٽيم جا سمورا رانديگرن آخري ون ڊي ميچ ۾ فتح لاءِ گهڻا پراميد آهن.

اظهر علي وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم ون ڊي سيريز ۾ ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي، جنهن سبب هو سمجهي ٿو ته سڀاڻي رٿيل ميچ ۾ قومي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪري سيريز هڪ جي ڀيٽ ۾ چئن ميچز تان پنهنجي نالي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*