قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر وهاب رياض فٽنس مسئلن سبب سري لنڪا خلاف رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي

wahab-riaz-25-7

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر وهاب رياض فٽنس مسئلن سبب سري لنڪا خلاف رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي،سندس جاءِ تي نوجوان فاسٽ بالر ضياءِ الحق سري لنڪا ويندو.

قومي سليڪشن ڪميٽي سريلنڪا خلاف رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪيوهو ۽ وهاب رياض جي شموليت فٽنس سان مشروط ڪئي وئي هئي.

وهاب رياض فٽنس ٽيسٽ ڪليئر نه ڪري سگهيو،جنهن سبب سليڪٽرز سندس جاءِ تي ضياءِالحق کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.

نوجوان فاسٽ بالر ضياءِالحق 26 جولاءِ تي قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٿي سري لنڪا ويندو،جتي پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ 30 جولاءِ ۽ ٻي ٽي-ٽوئنٽي ميچ پهرين آگسٽ تي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*