پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي اولمپڪ گيمز مان ٻاهر ٿيڻ جي حوالي سان لاهور ۾ پنهنجي ڪاروائي مڪمل ڪري ورتي آهي

pakistan-hockey-federation

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي اولمپڪ گيمز مان ٻاهر ٿيڻ جي حوالي سان لاهور ۾ پنهنجي ڪاروائي مڪمل ڪري ورتي آهي.

ڪميٽي جي ميمبر شاهد علي خان جو چوڻ آهي ته رپورٽ اينڊر هفتي فيڊريشن کي جمع ڪرائي ويندي.

ٽي رڪني پي ايڇ ايف جي جاچ ڪميٽي جو ٻيون اجلاس نيشنل هاڪي اسٽيڊيم لاهور ۾ منعقد ٿيو،جنهن ۾ اسٽنٽ ڪوچ دانش ڪليم پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.

دانش ڪليم فنڊز  جي کوٽ ۽نامناسب ٽريننگ ڪيمپ بابت شڪايتون ڪيون.

ڪميٽي ۾ لاهور اسپورٽس جرنلسٽ کان به اولمپڪ گيمز کان ٻاهر ٿيڻ جا سبب معلوم ڪيا ويا، جنهن دوران انهن قومي راند کي بچائڻ لاءِ پنهنجون تجويزون ڏنيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*