آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پنجگور پهچي ويو آهي

raheel-Sharif-25-7

آرمي چيف جنرل راحيل شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي پنجگور پهچي ويو آهي، جتي هو ڊبليو ايف او جي ترقياتي منصوبن ۽ گوادر پنجگور جي تعمير هيٺ شاهراهه جو جائزو  وٺندو.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنجگور پهتو ته ايئرپورٽ تي بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر خان جنجوعا، آءِ جي ايف سي ميجر جنرل شيرافگن ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي.

پنجگور ۾ آرمي چيف ڊبليو او جي نگراني هيٺ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو، جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي ۾ شامل گوادر هوشاب ۽ پنجگور جي تعمير هيٺ شاهراهه جو معائنو به ڪندو.

ان کان علاوه آرمي چيف جي دوري دوران اقتصادي راهداري منصوبي جي تحت گوادر جي سڪيورٽي لاءِ خاص سڪيورٽي فورس جي جوڙجڪ جي حوالي سان به اهم فيصلن جو امڪان آهي، جڏهن ته آءِ جي ايف سي شيرافگن مڪران ڊويزن ۾ خاص طور پنجگور، تربت ۽ گوادر ۾ امن امان جي صورتحال تي آرمي چيف کي بريفنگ ڏيندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*