موسم جي خرابي سبب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي هيليڪاپٽر جي ملتان ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي آهي

Shahbaz-Sharif-visit-Rajanp

 موسم جي خرابي سبب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي هيليڪاپٽر جي ملتان ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي آهي، شهباز شريف چيو آهي ته عدالتي ڪميشن جي فيصلي بعد ڌرڻن ذريعي قوم جو وقت ضايع ڪندڙن کي هاڻي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ  گهرجي.

پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف  ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري لاءِ لاهور کان ليه وڃي رهيو هو ته موسم جي خرابي سبب ملتان ايئرپورٽ تي سندس هيليڪاپٽر جي هنگامي لينڊنگ ڪئي وئي.

 ان موقعي تي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرن سان هن ڏکي وقت ۾ گڏ آهي، سندن بحالي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.

شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو ڪيو ويندو، پاڪ فوج، انتظاميه پوليس متاثرن جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته انڪوائري ڪميشن تاريخي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي،  ڪوڙن ۽ الزامن واري سياست ختم ڪري ملڪ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

شهباز شريف چيو ته ڌرڻن سبب ملڪ معيشت ۽ ترقياتي منصوبن کي وڏو ڌڪ رسيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*