ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ مان سبق سکڻ گهرجي، پ پ هن وقت زوال جو شڪار آهي

Saad Rafiq

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ مان سبق سکڻ گهرجي، پ پ هن وقت زوال جو شڪار آهي، ان جي قيادت کي گوڊ گورننس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان کي پنهنجي مينڊيٽ مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪپتان پنهنجي سياست ۾ سنجيدگي آڻي.

هن چيو ته انڪوائري ڪميشن تاريخي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي کي ان مان سبق سکڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي هن وقت زوال جو شڪار آهي، پ پ کي پنهنجي بيڊ گورننس کي گوڊ گورننس ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي.

خواجه سعد رفيق چيو ته پيپلزپارٽي کي رينجرز سان معاملا طئي ڪرڻ گهرجن.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته ڪالاباغ ڊيم اتفاق راءِ سان ٺهڻ گهرجي ته سٺو هوندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*