سنڌ سرڪار پي ٽي آءِ کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي

سنڌ سرڪار پي ٽي آءِ کي لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائڻ بعد آءِ جي سنڌ کي جلسي بابت فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جاري ٿيل بيان موجب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان سيڪيورٽي انتطامن بابت آگاهي ورتي.

وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي، خاص ڪري پي ٽي آءِ جي قيادت کي فول پروف سيڪيورٽي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

ان کان اڳ سُـڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ۽ نادر اڪمل لغاري سان فون تي رابطا ڪيا، جنهن دوران لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن لاڙڪاڻي ۾ جلسي لاءِ کين پيش ايندڙ مشڪلاتن بابت خدشن جو اظهار ڪيو.

بيان موجب صوبائي وزير شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڄوڪي جلسي لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ جلسي سميت پي ٽي آءِ جي قيادت کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*