سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين منظور قادر ڪاڪا کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Manzoor-kaka-Sindh-high

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين منظور قادر ڪاڪا کي انٽرپول ذريعي ڏيهه آڻڻ ۽ سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

ڪراچي جي شهر راڻا فيض الحسن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منظور ڪاڪا غير قانوني ڀرتين ۽ فنڊز ۾ بدعنوانين ذريعي 7 ارب رپين جا اثاثا ٺاهيا آهن، انڪري سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته منظور ڪاڪا کي انٽر پول ذريعي ڏيهه آڻي سندس ملڪيت ضبط ڪئي وڃي.

راڻا فيض الحسن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سومر ڏينهن ٻڌڻي ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*