پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڊي سيز سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ڪري ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي

Bilawal-Bhutto

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي مختلف ضلعن جي ڊي سيز سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ڪري ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي، بلاول ڀٽو ڪچي واسين کي فوري طور محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بلاول ڀٽو گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، خيرپور ۽ سکر جي ڊي سيز سان وڊيو لنڪ تي رابطو ڪري ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ ورتي.

بلاول ڀٽو عملدارن کي هدايت ڪنڌي چيو ته پاڻي هيٺ آيل ڪچي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ متاثرن کي فوري طور محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري کين بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

بلاول ڀٽو زرداري ڪچي جي متاثرن کي ٽينٽ سميت کاڌ خوراڪ  جون شيون به فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪراچي  ۾ بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ اڄ اهم اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، سينيٽر سعد غني، نجمي عالم ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا، جلاس ۾ مڪاني چونڊن جي تياري ۽ تڪبندين بابت  مشوار ڪيا ويندا……………..

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*