سنڌو درياءَ ۾ پاڻي چاڙهه جو سلسلو جاري آهي

Sindhu-River-Flood-24-7

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو پنج لک 13 هزار  6 سئو ۽ هيٺانهون وهڪرو پنج لک 10 هزار پنج سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 66 هزار 4 سئو 66 ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 39 هزار 492 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي.

ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 61 هزار 425 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 57 هزار 925 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*