شڪارپور ڀرسان سنڌ واهه کي 100 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي فصل پاڻي هيٺ اچي ويو

Shikarpur-map

شڪارپور ڀرسان سنڌ واهه کي 100 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي فصل پاڻي هيٺ اچي ويو،جڏهن ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي گهاري کي بند ڪري ورتو آهي.

رات دير سان ڳوٺ حاجاڻو وٽان سنڌ واهه کي  هڪ سئو فوٽ گهارو پيو، جنهن سبب ڳوٺ حاجاڻو سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي ڪجهه ڪلاڪن جي  ڪوشش بعد گهارو بند ڪري ورتو آهي.

ڳوٺاڻن موجب، گهاري سبب سندن ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن سان سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪري وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*