سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات دوران گهرن جي ڇت ڪرڻ ۽ ٻين حادثن سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Sindh-Rain-Map-City

سنڌ جي مختلف علائقن  ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات دوران گهرن جي ڇت ڪرڻ ۽ ٻين حادثن سبب 7 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، موسميات کاتي ڪراچي، سکر ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ ايندر 24  ڪلاڪن دوران برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

لاڙڪاڻو، رتوديرو، نئون ديرو، سيٺارجا،جيڪب آباد، پيرجوڳوٺ، عمر ڪوٽ، سانگهڙ، سنڌڙي، خانواهڻ، بدين، ڪڍڻ، سيراڻي، ڏهرڪي ۽ ٻين علائقن  ۾ برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي،جڏهن ته  بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي.

سيٺارجا ويجهو ڳوٺ علي احمد لاشاري ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي،جنهن جي  نتيجي ۾ گهر ڌڻي حاڪم علي لاشاري، 5 سالن جو حسنين ۽ چئن  ورهين جو پنجل دٻجي فوت ٿي ويا.

واقعي ۾ قمرالدين، ريحان  ۽ شاهه زيب کي  مٽي جي ڍير مان زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو.

لکي غلام شاهه ويجهو ڳوٺ ڄامڙا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 10 ورهين هي نينگري ميرزادي کوسو فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ڳوٺ شير ڪوٽ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب حبيب الله مهر فوت ويو.

نارو ويجهو به هڪ جڳهه جي ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ غلام حيدر سولنگي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب  امام زادي فوت ٿي وئي، ڄامل ۽ گلشن سولنگي زخمي ٿي پئي.

موسميات کاتي ڪراچي، سکر ۽ ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ  24 ڪلاڪن دوران برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*