سنڌ ۾ برسات کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن سميت صوبي جي 10کان وڌيڪ ضلعن جي بجلي بند آهي

Electriccity-Down-27-7

سنڌ ۾ برسات کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن سميت صوبي جي 10کان وڌيڪ ضلعن جي بجلي بند آهي، سيپڪو ترجمان موجب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 10 ضلعن جي بجلي بند ٿي وئي آهي، جنهن جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

 سنڌ ۾ برسات کانپوءِ بجلي جو نظام ڊانوانڊول ٿي ويو آهي، جنهن سبب ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهن.

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان بجلي بند هئڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

برسات کانپوءِ سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، خيرپور، نوشهروفيروز، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سميت 10 ضلعن جي بجلي بند ٿئي وئي آهي.

سيپڪو ترجمان موجب برسات کانپوءِ 247 فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 10 ضلعن جي بجلي بند ٿي وئي آهي، جنهن جي بحالي جون ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*