قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

national

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي بحث جو امڪان آهي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيندو.

اجلاس ۾ 2013 جي عام چونڊن جي حوالي سان انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ايوان ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ سسٽم بل 2015 پيش ڪندو.

قومي اسيمبلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي به بحث جو امڪان آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*