ملتان جي سينٽرل جيل ۾موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي

ملتان جي سينٽرل جيل ۾موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني وئي.

ملتان سينٽرل جيل ۾ صبح سوير موت جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين فاروق ۽ ڪريم نواز کي ڦاهي ڏني وئي.

جوابدار فاروق نواز 11 سيپٽمبر 1988 ۾ اُوڌر جي رقم طلب ڪرڻ تي قيوم نالي شخص کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جڏهن ته جوابدار ڪريم نواز 1999 کي  ۾ محمد بلال نالي شخص کي قتل جي ڏوهه ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

جوابدارن جون سموريون رحم واريون اپيلون رد ٿي چڪيون هيون، جنهن بعد ڪالهه وارثن سان آخري ملاقات ڪرائي وئي هئي.

جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڦاهي جي موقعي تي ملتان سينٽرل جيل ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*