اليڪشن ڪميشن، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو

Imran-Khan-election-27-7

اليڪشن ڪميشن، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي استعيفيٰ واري مطالبي کي رد ڪندي چيو آهي ته سمورا ميمبر پنهنجو ڪم جاري رکندا، پي ٽي آءِ سربراهه الزامن لڳائڻ بدران چونڊ سڌارن لاءِ تجويزون ڏئي.

ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن، انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجو جواب تيار ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي مطالبي تي اداري جو ڪو به ميمبر استيعفيٰ نه ڏيندو، سمورا ميمبر پنهنجي عهدن تي ڪم ڪندا رهندا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 2013 واريون چونڊون ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شفاف هيون، ان ڪري عمران خان الزامن بدران چونڊ سڌارن تجويزون ڏئي.

اليڪشن ڪميشن موجب، 2018 وارين چونڊن کي وڌيڪ صاف ۽ شفاف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*