ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 7 ورهين جي ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدي شفقت حسين جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Shafqat-case

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 7 ورهين جي ٻارڙي جي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل قيدي شفقت حسين جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، کيس 4 آگسٽ تي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني ويندي، جڏهن ته عدالت پوليس آفيسر جي ڌيءَ ۽ زال کي قتل ڪندڙ قيدي شاهد عرف شاهدي جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سينٽرل جيل انتظاميه جي درخواست تي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شفقت حسين کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا.

ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ شفقت حسين کي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 4 آگسٽ تي ڦاهي ڏني ويندي.

شفقت حسين تي 2004 ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

ان کان اڳ به شفقت حسين جا 4 ڀيرا ڊيٿ وارنٽ جاري ٿي چڪا هئا پر سندس عمر جي تڪرار سبب ڦاهي ملتوي ڪئي وئي هئي.

هوڏانهن موت جي سزا ٻڌايل قيدي شاهد عرف شاهدي جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

جوابدار تي ڪراچي ۾ پوليس آفيسر جي ڌيءَ ۽ زال کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

عدالت، جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، ان ڪري ڊيٿ وارنٽ جاري نٿا ڪري سگهجن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*