اسلام آباد جي عدالت بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وصول ڪندڙ ٻن رٽائرڊ ڪرنلز سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Malik-Riaz-Case-Black

اسلام آباد جي عدالت بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪري ڀتو وصول ڪندڙ ٻن رٽائرڊ ڪرنلز سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد عدالت جي ايڊيشنل سيشن جج خرم علي بحريا ٽائون جي چيئرمين ملڪ رياض جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

ملڪ رياض جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ڪرنل رٽائرڊ طارق، ڪرنل رٽائرڊ خالد ۽ ڊاڪٽر شفيق پنج ڪروڙ روپين جو ڀتو گهريو هو.

هن چيو ته ملڪ رياض کي بليڪ ميل ڪري کيس مختلف وقتن تي تنگ ڪيو ويو.

اسلام آباد جي عدالت ملڪ رياض جي درخواست ٻڌڻ کان پوءِ رٽائرڊ ڪرنل خالد ، رٽائرڊ ڪرنل طارق ۽ ڊاڪٽر شفيق خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*