وزيراعظم نواز شريف جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ واري ٺهراءَ جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو

Nawaz-Sharif-Cabnet-meeting

وزيراعظم نواز شريف جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ واري ٺهراءَ جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت سياسي انتقام تي يقين نٿي رکي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾  ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق ۽ مسلم ليگ نون سان واسطو رکندڙ ٻين وزيرن ۽ ميمبرز شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي حڪومتي موقف پيش ڪرڻ بابت حڪمت عملي طئي ڪئي وئي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ بابت جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاران پيش ڪيل ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ويچاريو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ميمبرز وزيراعظم نواز شريف کي راءِ ڏني ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻن سبب ملڪ ۾ وڏو بحران ٿيو، ميمبرز کي نااهل قرار ڏيڻ بابت ٺهراءَ جي حمايت ڪئي وڃي، جڏهن ته اڪثريت ميمبرز جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ميمبرز جي نااهلي سان ملڪ ۾ نئون بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، ميمبر آئيني طريقي سان چونڊيا آهن، انهن کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي.

اڪثريت ميمبرز جي راءِ بعد اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ميمبرز جي رڪنيت ختم ڪرڻ واري ٺهراءَ جي حمايت نه ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف پاران انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۽ ملڪ ۾ جاري ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ قومي اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو به امڪان آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ حڪومت جو موقف صحيح ثابت ڪيو پر ن ليگ انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*