سـِنڌ حڪومت، صوبي ۾ مڪاني چونڊون مرحليوار ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي باضابطه درخواست ڏئي ڇڏي

CM-Meeting-27-7

سـِنڌ حڪومت، صوبي ۾ مڪاني چونڊون مرحليوار ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي باضابطه درخواست ڏئي ڇڏي آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ چيو آهي ته چونڊن جو پهريون مرحلو آڪٽوبر ۽ آخري نومبر ۾ مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا.

اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، اليڪشن ڪمشنر سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ مڪاني چونڊون مرحليوار ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي باضابطه طور درخواست ڏني وئي.

چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ چيو ته سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، ان ڪري مرحليوار ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.

چيف سيڪريٽري چيو ته مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿي ويندو، جڏهن ته آخري مرحلو آڪٽوبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن لاءِ قاعده فراهم ڪيا ويا آهن پر انهن ۾ خاميون موجود آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته سنڌ حڪومت، مڪاني چوندون ٽن مرحلن ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، صوبائي سرڪار پهريون مرحليو آڪٽوبر ۽ آخري نومبر ۾ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته مڪاني چونڊون اليڪشن ڪميشن جا موجود ميمبر ئي ڪرائيندا، استعيفيٰ وارو مطالبو بنا جواز آهي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن کي سنڌ ۾ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت سڀاڻي شيڊول جاري ڪرڻو هو پر تياريون اڻپوريون ۽ ٻوڏ صورتحال سبب شيڊول ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*