لاهور هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ جي لارجر بينچ قائم

Altaf-lahore-high-Court-27-

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ قائم ڪئي وئي آهي.

ايڊووڪيٽ آفتاب بيرڪ جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ الطاف حسين خلاف غداري ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي کي انتهائي اهم قرار ڏيندي لارجر بينچ جوڙڻ جي سفارش ڪئي هئي.

چيف جسٽس منظور احمد ملڪ، سنگل بينچ جي سفارش تي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس مظهر اقبال ۽ جسٽس اِرم سجاد گل تي ٻڌل آهي.

 بينچ جو سربراهه جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي موڪل تي ويل آهي، سندس واپسي بعد بينچ فوري طور تي ٻڌڻي ڪندي.

درخواستگذار ايڊووڪيٽ آفتاب علي بيرڪ موقف اختيار ڪيو هو ته الطاف حسين سڪيورٽي ادارن خلاف خلاف اسڪينڊلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان ڪري الطاف خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*