ڀارتي رياست پنجاب ۾ چئين دهشتگردن بس ۽ ٿاڻي تي حملي ۾ هڪ ايس پي سيمت 8 پوليس اهلڪارن سيمت 15 ڄڻا مارجي ويا

Gurdaspur-terror-attack

ڀارتي رياست پنجاب ۾ چئين دهشتگردن بس ۽ ٿاڻي تي حملي ۾ هڪ ايس پي سيمت 8 پوليس اهلڪارن سيمت 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا آهن فارنگ جو سلسلو جاري آهي.

پنجاب جي شهر گرداس پور فوجي ورديون پهريل 4 دهشتگرد دينا نگر جي ٿاڻي اندر داخل فارنگ ڪري رهيا آهن جنهن جي 15 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ دهشتگرد پڻ مارجي ويو آهي.

ڀارتي پنجاب جي وڌي وزيرپرڪاش سنگهه جپو چوڻ هو ته دينا نگر ۾ ڪجهه دهشتگرد داخل ٿيا آهن جن پهريان بس اسٽاپ ٿي فارنگ ڪئي جنهن بعد 4 ڄڻا مارجي ويا.

 جنهن بعد  دهشتگردن دينا نگر جي پوليس اسٽشن ۾ داخل ٿي ڪري فارنگ ڪري رهيا جن ۾ پڻ 5 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا جن  ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت ٻه قيدي به شامل آهن. جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا آهن.

 پوليس جي هڪ اعلي آفيسر جو چوڻ هو ته دينا نگر ۾ هٿيار موجود آهن

جنهن سبب وڌيڪ جاني نقصان جو خطرو آهي

 پوليس جي اعلي اآفيسر جو چوڻ هو ته چئين دهشتگردن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي جيڪي سڀ اڃان دينا نگر جي ٿاڻي ۾ موجود آهن ۽ فارنگ ڪري رهيا آهن.

 ڀارتي ريڍيو دور درشن موجب 5 کان 7 هٿياربند امرتسر جي ريلوي ٽرڪ تي 5 بم پڻ نصب ڪيا جن کي پولسي ناڪار ڪري ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*