ترڪي جي وزير اعظم احمد دائود اغلي تصديق ڪندي چيو آهي ته شام ۾زميني فوج موڪلڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي

Turkish-PM-Ahmed-Dawood-Ogl

ترڪي جي وزير اعظم احمد دائود اغلي تصديق ڪندي چيو آهي ته  شام ۾زميني  فوج موڪلڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.

 ترڪي جي وزير اعظم احمد دائود اغلي تصديق ڪندي چيو آهي ته  شام۾ شدت پسند تنظيم داعش ۽ ڪرد اعليحدگي پسند تنظيم پي ڪي ڪي خلاف شام  ۾ زميني فوج موڪلڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.

ترڪ وزير اعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته شدت پسند تنظيم دولتِ اسلاميه ۽ ڪرد ويڙهاڪن خلاف جاري هوائي حملا صورتحال تبديل ڪري سگهن ٿا،

 ترڪي وزير اعظم ميڍيا سان ڳالهائيندين چيو ته علائقائي ويڙهه بعد ترڪي هڪ نئين اندز ۾ ويڙهه ڪري رهيو آهي.جنهن نه رڳو شام پر عراق ۾ به صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي.

ترڪي شدت پسند تنظيم دولتِ اسلاميه ۽ ڪرد عليحدگي خلاف جاري آپريشن تي  سڀاڻي برسلز ۾ نيٽو جي سفيرن جو اهم سڌائي ورتو آهي.

 واضح  رهي ته ترڪي  شام ۾ داعش جي ٺڪاڻڻ کي هوائي حملن ذريعي نشانو  نشانو بڻائي رهيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*