حيدر آباد قومپرست اڳواڻ راجا ڏاهر ڀنڀرو جي مڙهه کي تدفين لاءِ هڱورجا ويجهو اباڻي ڳوٺ نيو ويو .

JSMM-Raja-Dahar-Bhanbhro

حيدر آباد ۾قومپرست اڳواڻ راجا ڏاهر ڀنڀرو جي قبر ڪشائي بعد سندس مڙهه کي تدفين لاءِ هڱورجا ويجهو اباڻي ڳوٺ نيو ويو  آهي، قومپرست اڳواڻ  ۽ اديب به مڙهه سان گڏ روانا ٿيا آهن.

حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت راجا ڏاهر جي گهر واري جي  درخواست تي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايڌي وارن کي قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو.

عدالت جي حڪم تي راجا ڏاهر جي والد عطا محمد ڀنڀرو ۽ ٻين مائٽن توڙي اديبن جي موجودگي ۾ ٽنڊي يوسف قبرستان ۾ راجا ڏاهر جي قبر ڪشائي ڪئي وئي.

لاش قبر مان ڪڍڻ بعد نسيم نگر واري گهر آڻڻ کانپوءِ  تدفين لاءِ  هڱورجا ويجهو ڳوٺ بچل ڀنڀرو نيو ويو آهي.

جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، حنيف ساگر بڙدي ، اديب تاج جويو ۽ ٻيا اڳواڻ به مڙهه سان گڏ روانا ٿيا آهن.

راجا ڏاهر کي جون مهيني ۾ هنگورجا ڀرسان سندس گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو هو.

راجا ڏاهر جو لاش 5 جولاءِ تي نوري آباد ڀرسان هٿ آيو هو، جنهن کي لاوارث ڄاڻائي حيدر آباد ڀرسان ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ دفنائڻ جو انڪشاف ٿيو هو، جنهن بعد قبر ڪشائي لاءِ  پوليس عدالتي ليٽر آڻڻ جي گهر ڪئي هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*