شڪارپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي خيري ۽ رتيديري ۾ ڪئنال ۽ شاخن کي گهارا لڳڻ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل لڙهي ويو

flood egriculture27شڪارپور، لکي غلام شاهه، ڳڙهي خيري ۽ رتيديري ۾ ڪئنال ۽ شاخن کي گهارا لڳڻ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل لڙهي ويو آهي.

رات دير سان شڪارپور جي ڳوٺ حاجاڻو وٽان سنڌ واهه کي  هڪ سئو فوٽ گهارو پيو، جنهن سبب ڳوٺ حاجاڻو سميت ڀرپاسي جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملي ڪجهه ڪلاڪن جي  ڪوشش بعد گهارو بند ڪري ورتو آهي.

ڳوٺاڻن موجب، گهاري سبب سندن ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، جنهن سان سندن لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪري آبپاشي عملي خلاف ڪارروائي ڪري وڃي.

لکي غلام شاهه ويجهو بي ايس فيڊر کي ٻڌ ڳوٺ ۽ رجب ريگيوليٽر وٽان ٻه گهارا پئجي ويا جنهن سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

خانپور ويجهو ڳوٺ مور انڙ ۾ مرزا شاخ کي 30 فوٽن جو گهارو پئجي ويو جنهن سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا.

هوڏانهن ڳڙهي خيري ويجهو ڳوٺ پنهل جمالي وٽان سيف الله ڪئنال کي ويهه فوٽ گهارو لڳي ويو آهي.

اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو جنهن سبب پاڻي هزارين ايڪڙ فيصلن کي نقصان پهچايو آهي.

سيف الله ڪئنال کي لڳل گهارو وقت سر بند نه ڪرڻ سبب وڌي 50 فوٽ ٿي ويو .

پاڻي جو تيز وهڪرو شهر طرف وڌڻ لڳو ته آبپاشي عملي کيرٿر ڪئنال جا آر ڊي 116 وٽان دروازا بند ڪري ڇڏيا.

گهاري جو پاڻي ڳوٺ گل مير جمالي، نواب خان بروهي ۽ فقير محمد بروهي ۾ داخل ٿي ويو.

کيرٿر ڪئنال جا دروازا بند ڪرڻ بعد گڙنگ ريگيوليٽر وٽان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

سکر بئراج جي چيف انجنيئر عبدالعزيز سومري جو چوڻ آهي ته کيرٿر ڪئنال مان 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي بند ڪيو ويو آهي.

کيرٿر ڪئنال جا دروازا بند ڪرڻ کان پوءِ سيف الله مگسي ڪئنال ۾ پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي.

رتيديري ويجهو ڪلچ شاخ کي 35 فوٽ ۽ رتو شاخ کي 15 فوٽن جا گهارا لڳڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

پاڻي جي تيز وهڪري ڪيترن ئي ڳوٺن کي نقصان پهچايو آهي جڏهن ته اطلاع ملڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو جنهن سبب وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

مختلف علائقن ۾ گهارن جي متاثر ماڻهن احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندن ٿيل نقصان جا ذميوار آبپاشي وارا آهن.

هنن چيو ته سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

گهوٽڪي ويجهو گيمڙي واري علائقي ۾ زمينداري بند ٽٽڻ سبب پاڻي مختلف ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

باڊهه ويجهو رائيس ڪئنال کي روڻ پوڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو آهي.

سنڌڙي ۾ سم نالي ايل بي او ڊي جي پل جا پاسا مڪمل ڪري پيا آهن جنهن کان پوءِ سموري پل ڊهي پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*