رحيم يار خان ۽ راجنپور سميت پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

Chitral Floodرحيم يار خان ۽ راجنپور سميت پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ سبب خالي ڪرايا ويا آهن.

رحيم يار خان جي علائقي لياقت پور ويجهو شاهه بند ٽٽڻ سبب 8 بستيون پاڻي هيٺ اچي ويون جتان وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ ٿي آهي.

بند ٽٽڻ سبب مڏر سوا، لاشاري، شگراني، محسن شاهه بستي، غفورآباد ۽ چانڊيا بستي سميت ڪيترائي علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا.

راجنپور ۾ ڪوهه سليمان پهاڙن جي پاڻي جي آمد اڃا تائين جاري آهي.

پاڻي جو تيز وهڪرو، ماڇڪا، مڏ ميرڻ، حاجي پور سميت ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو آهي.

راجنپور جي برسات متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*