سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال جو لاڙڪاڻي جي بندن جو دورو

Sohail Anwar Siyal

سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال لاڙڪاڻي جي بندن جو دورو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پوليس کاتي ۾ آفيسرن جو بدليون ۽ مقرريون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون ويون آهن.

لاڙڪاڻي ۾ عاقل آگاڻي بند جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته بندن جي صورتحال تسلي بخش آهي، جن بندن تي پاڻِي جو دٻاءُ وڌيڪ آهي، اتي آبپاشي عملو مسلسل ڪم ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته سڄي سنڌ جي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو آبپاشي کاتي سان رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن.

سهيل انور سيال چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، چونڊن ۾ امن امان جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آفيسرن جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جو الزام سرڪار مٿان هڻڻ غلط آهي.

گهرو وزير وڌيڪ چيو ته انڙ خاندان پاران لڳايل الزام غلط آهن، ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*