سنڌ ۾هيپاٽائيٽس جي مريض ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جو سبب گندي پاڻي جو استعمال آهي.ڪراچي ۾ سمينار

karachi-saminar-28-7

طبي ماهرن چيو آهي ته سنڌ  ۾هيپاٽائيٽس جي مريض ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، جنهن جو سبب گندي پاڻي جو استعمال ۽ احتياطي اپاءُ نه وٺڻ آهي.

هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي ايس آءِ يوٽي ڪراچي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ماهرن چيو ته سموري دنيا ۾ هر سال 50 ڪروڙ ماڻهو هيپا ٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ٿا ۽ انهن مان 10 ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا.

سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اساما ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي اترين علائقن ۾ هيپاٽائيٽس جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

هنن چيو ته هيپاٽائيٽس بي ۽ سي ڪري جگر ناڪاره ٿي وڃي ٿو ۽ ان جو حتمي علاج جگر جي پيوندڪاري آهي.

ڊاڪٽرن چيو ته پيوندڪاري لاءِ عضوا نه ملڻ سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو مري وڃن ٿا.

ماهرن موجب هيپاٽائيٽس کان بچاءُ لاءِ انفرادي ڪوششن جي ضرورت آهي .

ان موقعي تي اسڪريننگ ٽيسٽ، الٽرا سائونڊ ۽ ويڪسين به ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*