امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور تيار آهي، سنڌ جي تعليم واري وزير مير هزار خان بجاراڻي

mir-hazar-khan

سنڌ جي تعليم واري وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور تيار آهي، آبپاشي عملي پاران بندن جي مضبوطي واري ڪم ناقص ڪاردگي تي ڳڻتي آهي.

ڪندڪوٽ ۾ سرفراز بند ۽ ٻين بچاءُ بندن جو دورو ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائندي صوبائي وزير چيو ته آبپاشي کاتي پاران  بندن جي ڪيل ناقص مرمتي ڪمن تي ڳڻتي آهي.

 هن چيو ته 7 آگسٽ تي گڊو بئراج مان 7 لک ڪيو سڪ کان وڌيڪ پاڻي جو ريلو گذرندو، امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل طور تيار آهي.

صوبائي وزير ڪچي جي ڳوٺاڻن کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ جي بچاءُ لاءِ پاڻ چوڪس رهن ۽ آبپاشي عملدارن سان به رابطي ۾ رهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*