شينڪ بند ڪمزور هجڻ ڪري ڪچي جا ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، جنهن جي ذميوار او جي ڊي سي ايل ڪمپني آهي. سيد قائم علي شاهه

Qaim Ali Shah

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته گهوٽڪي جي شينڪ بند جي مرمت او جي ڊي سي ايل ڪمپني جي ذميواري شامل هئي، جيڪا انهن پوري نه ڪئي، بندن جي ڪمن ۾ لاپرواهي  ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

گهوٽڪي جي شينڪ بند جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه تي قائم ڪيترائي زمينداري بند ٽوڙيا ويا آهن.

وڏي وزير چيوته رهيل زمينداري بندن تي هاءِ ڪورٽ پاران اسٽي  جاري ڪيل آهي، جنهن  تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڏي وزير چيو ته سنڌو ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب شينڪ بند ڪمزور ٿيو، جنهن جي مضبوطي ۽ مرمت وارو ڪم او جي ڊي  سي ايل جي ذميواري هئي جيڪا انهن پوري نه ڪئي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته شينڪ بند ڪمزور هجڻ ڪري ڪچي جا ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا، جنهن جي ذميوار او جي ڊي  سي ايل ڪمپني آهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته بندن جي ڪم او جي ڊي سي ايل نه ڪرايو ته سنڌ حڪومت ڪرائيندي ۽  بندن جي ڪم ۾ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.

ان موقعي تي  ڪمشنر سکر عباس بلوچ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بندن جي مضبوطي واري ڪم لاءِ سيڊا جو ڪوبه عملدار ناهي پهتو، فوج نه اچي ها ته شينڪ بند نه بچي ها.

وڏي وزير سيڊا عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بندن جي مضبوطي واري ڪم ۾ لاپرواهي  ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ان موقعي تي آبپاشي واري  وزير نثار کهڙو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ست لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي برساتن تي ڪنٽرول ناهي، جيڪڏهن ته برساتن جو سلسلو جاري رهيو، ته وهڪرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*