ڪراچي ۾نيب ڪارروائي ،لياري ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ۾ هڪ ڪروڙ 25 لک رپين جي بدعنوانين جي الزام هيٺ ٽن بئنڪ ملازمن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Nab Pakistan 28-7

نيب ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري لياري ايڪسپريس وي پروجيڪٽ ۾ هڪ ڪروڙ 25 لک رپين جي بدعنوانين جي الزام هيٺ ٽن بئنڪ ملازمن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نيب ترجمان موجب بدعنوانين جي الزام هيٺ ٽن بئنڪ ملازمن انور احمد، محمد رفيق، اظهر زاهد ۽ سندن هڪ ساٿي محمد نديم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب ترجمان موجب چئني جوابدارن لياري ايڪسپريس وي جي بحالي دوران اصل حقدارن بدران ٻين ماڻهن کي رقم ڪڍرائي ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*