لبيا جي عدالت ڪرنل قذافي جي پٽ سيف اسلام کي ساٿين سميت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

saif-al-islam-gaddafi

لبيا جي عدالت  2011 ۾ احتجاج دوران ڏڦير پکيرڻ جي الزام هيٺ ڪرنل قذافي جي پٽ سيف اسلام کي ساٿين سميت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

ميڍيا موجب طرابلس جي مقامي عدالت سيف اسلام ۽ سندس ساٿين  کي رتوڇاڻ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙڻ وارا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي.

عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ وقت سيف اسلام موجود نه هو، ڇاڪاڻ ته هو هن وقت حڪومت مخالف شدت پسند تنظيم وٽ يرغمال بڻيل آهي.

سيف الاسلام خلاف ڪيس جي ڪارروائي 2011 ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جنهن خلاف انساني حقن جي تنظيمن سميت عالمي طور شديد تحفظات جو اظهار ڪيو ويو پر ليبيا جي سرڪار ڪيس جي ڪارروائي جاري رکي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*