ڀارت خلاف وائيٽ واش شڪست تي تمام گهڻي مايوسي ٿي اينجلو ميٿيوز

سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز چيو آهي ته ڀارت خلاف وائيٽ واش شڪست تي کيس تمام گهڻي مايوسي ٿي پر هو گهڻو پراميد آهي انگلينڊ جي ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ٽيم ڪامياب ٿي ويندي.

انگلينڊ جي ٽيم ست ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ سريلنڪا پهچي وئي آهي.

ست ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ  نومبر تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي ،جنهن سبب ٽيم کي وائيٽ واش شڪست نصيب ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ٽيم خلاف سيريز بعد ٽِيم جي رانديگرن پنهنجي غلطين تي ضابطو آڻڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون آهي،جنهن سبب هو سمجهي ته انگلش ٽيم خلاف ون ڊي سيريز ۾ ٽيم ڪاميابي حاصل ڪندي.

ان موقعي  ته انگلش ٽيم جي ڪپتان اليسٽر ڪڪ چيو ته سندن نظرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين سريلنڪن ٽيم خلاف ست ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ٽيم کي ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*