چلي ۾ فلڪياتي ماهرن هڪ نئين تحقيق ڪري ستارن جي جنم واري سمورين پراڻين ٿيوريز کي رد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

چلي ۾ فلڪياتي ماهرن هڪ نئين تحقيق ڪري ستارن جي جنم واري سمورين پراڻين ٿيوريز کي رد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

چلي جي فلڪياتي ماهر اينڊريز گـُز مَين فرنانڊيز جي اڳواڻي ۾ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ماهرن چلي جي اتا ڪاما واري صحرا ۾ تجربن دوران خلا ۾ واڌارو ڊسڪس ڏسڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي ڊسڪس ان حالت ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪنديون رهيون آهن، جڏهن تمام گهڻيون شعاعون خارج ٿي رهيون هجن ۽ اهڙو عمل لاڳيتو جاري رهندو پيو اچي.

سائنسدانن موجب ان شعاعن ذريعي ماليڪيولز پکڙجن ٿا ۽ هڪ قسم جي گئس پيدا ٿئي ٿي، اهڙي عمل جي لاڳيتو جاري رهڻ ڪري ستارن جو جنم ٿئي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*