خاص عدالت غداري ڪيس ۾ ٻين جوابدارن کي شامل ڪرڻ واري پرويز مشرف جي درخواست جزوي طور منظور ڪري ڇڏي

خاص عدالت غداري ڪيس ۾ ٻين جوابدارن کي شامل ڪرڻ واري پرويز مشرف جي درخواست جزوي طور منظور ڪندي اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر ۽ اڳوڻي قانون واري وزير  زاهد حامد خلاف  ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت وفاقي حڪومت کي غداري ڪيس ٻيهر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ آگاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

خاص عدالت غداري ڪيس ۾ فوجي توڙي 600 سول ماڻهن کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ بابت پرويز مشرف جي درخواست تي  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

جسٽس فيصلو پڙهندي ٻڌايو ته اهو فيصلو اڪثريت راءِ سان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هڪ جج جسٽس ياور علي خان اختلافي نوٽ لکيو آهي.

پرويز مشرف جي وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته رڳو پرويز مشرف خلاف ڪيس داخل ڪرڻ امتيازي سلوڪ آهي، جيڪو ختم ٿيڻ گهرجي.

خاص عدالت غداري ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم شوڪت عزيز، اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر ۽ اڳوڻي قانون واري وزير  زاهد حامد کي شامل  ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت وفاقي حڪومت کي غداري ڪيس ٻيهر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ آگاهي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پرويز مشرف جي وڪيل فيصل چوڌري عدالتي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصلي کي تاريخي قرار ڏنو.

پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته ججز کي هٽائڻ ۾ ٻه ماڻهو شامل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*