سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به هلڪي هلڪي برسات جاري

Rain weather 31-7

ڪنڌڪوٽ ۽ بخشاپور ۾ برسات پوڻ ڪري موسم خوشگوار ٿي وئي، گڊو ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا ۽ ڪنڊياري ڀرسان نينگر برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به هلڪي هلڪي برسات پئي، ڪنڌڪوٽ ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي.

بخشاپور ۽ ڀرپاسي ۾ برسات پوڻ ڪري شهر سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

گڊو ۾ برسات سبب شهنشاهه محلي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت پنهنجي ٻن ٻارڙن سميت زخمي ٿي پئي.

زخمي عورت لطيفان ۽ سندس ٻن ٻارڙن عمران ۽ عيانه شيخ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪنڊياري جي ڳوٺ غلام حيدر چانڊيو ۾ 12 ورهين جو اصغر چانڊيو برساتي پاڻي ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*