پاڪستان ڀارت ۾ قيد چندا بيبي جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

chanda-31-7

پاڪستان ڀارت ۾ قيد چندا بيبي جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، دهلي ۾ مقرر هائي ڪميشن ڀارتي پرڏيهي کاتي سان رابطو ڪري تفصيل گهري ورتا آهن، پرڏيهي کاتي چيو آهي ته چندا بيبي ۽ سندس مامَي جي گرفتاري بابت ڄاڻ ورتي پئي وڃي.

نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن ڀارتي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ڀارت ۾ گرفتار چندا بيبي بابت معلومات گهري ورتي آهي.

پاڪستاني هائي ڪميشن ڀارت اختيارين کان چندا بيبي کي جلد کان جلد آزاديءَ جو مطالبو ڪيو وڃي.

پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته چندا بيبي ۽ سندس مامَي جي گرفتاريءَ جي ڄاڻ ورتي پئي وڃي، معاملي جي تفصيلن جو انتظار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*